دري  ٻولي

دري ٻولي

دري ٻولي

دري (Dari: ٻولي): هيءَ افغانستان ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي آهي، جيڪا هند- يورپي، هند- ايراني، هند- آريائي- ٻولين جي خاندان مان آهي. هيءَ ٻولي ڪابل ۽ ان جي اتر- اولهندي پاسي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هن ٻوليءَ ڳالهائيندڙن جي آباديءَ جو تناسب 60 سيڪڙو آهي. افغانستان ۾ هن کي رابطي جي زبان جي حيثيت حاصل آهي. هيءَ تاريخي طور پراڻي ٻولي آهي. تاريخدان هن کي ساسانين جي درٻار جي زبان چون ٿا. ’دري‘ جي معنيٰ پڻ درٻار آهي. لسانياتي ماهر هن ٻوليءَ کي وچئين ڪلاسيڪي دؤر جي پارسي ٻولي ڪري لکن ٿا. 226 ق. م ۾ هيءَ فارسيءَ ۾ ضم ٿي. هن جو واسطو پهرين آرڪمنيز خاندان سان هو، جنهن تي بعد ۾ يوناني حاڪم ٿيا. ان کانپوءِ ستين يا اٺين عيسوي صديءَ ڌاري مسلمانن فارسيءَ جي هڪ هٽي ٽوڙي عربيءَ کي نافذ ڪيو، پر هن ٻوليءَ وارن پنهنجي ٻوليءَ کي زنده رکيو. دري اڄ به افغانسان ۾ رائج ٻولي آهي.
جيتوڻيڪ دريءَ ۾ عربيءَ جو لفظي ذخيرو ملي جلي ويو آهي، پر پوءِ به هيءَ ٻولي پنهنجي حيثيت کي نمايان رکيو اچي. هن جي قدامت ان مان به معلوم ٿئي ٿي ته هن جون لکتون 1951ع ۾ کوٽائيءَ دوران سرخ ڪوٽل (Surkh Kotal) نالي ماڳ مان مليون آهن. هونئن ته ايران ۾ واهپي جي ٻوليءَ کي به فارسي سڏيو وڃي ٿو، پر دري خالص فارسي آهي، جنهن جو گرامر ۽ تحريري بناوٽون ايران جي فارسيءَ کان الڳ آهن. هن وقت افغانستان اندر سياسي ڇڪتاڻ ۽ طالبانائيزيشن وڌڻ، خاص طور روزگار جي اڻهوند سبب هيءَ ٻولي ڳالهائيندڙ مختلف ملڪن ڏانهن نقل مڪاني ڪري رهيا آهن. خيبر پختونخوا، سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ سميت آسٽريليا، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ هيءَ ٻولي ڳالهائيندڙ غيرقانوني طور وڏي تعداد ۾ آباد آهن. هن ٻوليءَ بابت ’يادگار زيرين‘ نالي ڪتاب ۾ ڪافي معلومات ڏنل آهي. هيءَ ٻولي هينئر عربي رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو